استاد رسول بخش ڪلهوڙو

استاد رسول بخش ڪلهوڙو: رسول بخش ڪلهوڙو جدي پشتي موسيقار نه هو، بلڪه استاد يوسف کٽيءَ وانگر شوقيه ڳائڻو هو، مگر ڳائڻ ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين ۽ مشهوري حاصل ڪيائين. سندس ڳائڻ جو انداز نهايت نرالو هو. لاڙڪاڻي جو رهواسي ۽ استاد خدا بخش ڀٽي جو شاگرد هو. ديسي موسيقيءَ کان علاوه ڪلاسيڪي موسيقي ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي. سندس آواز نهايت نکريل هو ۽ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. تمام وڏي آواز سان ڳائڻ جو عادي هو، جنهنڪري هڪ ڏينهن سندس گلي جون نسون ڦاٽي پيون ۽ ان سبب وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو